زنگي خان ٽالپر

زنگي خان ٽالپر: مير سهراب خان جو ننڍو ڀاءُ مير زنگي خان، ناميارو امير ۽ مدبر ٿي گذريو آهي. کيس ملڪي معاملن جي پيچيدگين جي وڏي پرک هئي، ڪڏهن ڪڏهن سفارت جا فرض به ادا ڪندو هو. کيس سياسي بصيرت سان گڏ فوجي مهارت به هئي ۽ جنگي معاملن ۾ هن جي مشوري کي وڏي اهميت حاصل هئي. هيءُ حاضر جوابي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد مير زنگي خان پنهنجي ڀائٽي مير علي مراد خان جو طرف ورتو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن ان جو محاصب ٿي گذاريائين. مسٽر فاربس (Forbes) برطانيا ڪمپني حڪومت جي سيڪريٽري ڏانهن جيڪا رپورٽ موڪلي هئي، ان ۾ مير زنگي خان متعلق لکيو هئائين ته: ”هو ستر سالن جو پوڙهو مڙس آهي ۽ سندس شڪل شباهت شانائتي آهي. هن کي مير علي مراد خان وٽ سڀني کان وڌيڪ رسائي آهي. هن ڪوشش وٺي مير علي مراد خان جي پٽ مير فيض محمد خان جو مڱڻو مير محمد خان ولد مير سليمان خان جي گهران ڪرايو آهي.“ جڏهن 1852ع ۾ انگريزن طرفان مير علي مراد خان جي خلاف ڪميشن ويٺي هئي، تڏهن مير زنگي خان، مير علي مراد خان جي حمايت ۾ شاهدي ڏني هئي. مير زنگي خان پنهنجي وقت جي مشهور بزرگ ۽ پاڳارن جي درگاهه جي باني پير محمد راشد جو وڏو معتقد هو ۽ سندس خدمت ۾ نذرانا پيش ڪندو هو. پير راشد شاهه سندس دعوتن تي ايندو هو. مير زنگي خان فارسي زبان جو قادر الڪلام شاعر پڻ هو ۽ شاعرن جي سرپرستي به ڪندو هو. سبحان فقير ۽ صادق فقير، مير زنگي خان جا درٻاري شاعر ۽ ڳائڻا هئا، جيڪي سندس وفات کانپوءِ مير علي مراد خان جي نوڪريءَ ۾ رهيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو